زاهد ميراڻي

زاهد ميراڻي

زاهد ميراڻي

زاهد ميراڻي: شاعر، اديب، صحافي ۽ سماج سڌارڪ زاهد حسين ولد قادر بخش ميراڻي، 28 فيبروري 1965ع تي ڌاڪ تلاءَ، رتيديري ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي (صحافت) آهي. هن شاعري ۽ ڪهاڻيون لکڻ جو آغاز ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪيو. سندس پهرين ڪهاڻي 1982ع ۾ ’هلال‘ مئگزين ۾ ڇپي. ان کانپوءِ شاعري ۽ ڪهاڻيون لکڻ سان گڏ مختلف اخبارن ۾ ڪالم به لکڻ لڳو. ڪجهه عرصي تائين ٻارن لاءِ ڪالم لکيائين، جيڪي روزاني ’آفتاب‘ جي ٻارن جي صفحي ’ٻارن جي دنيا‘ ۾ ڇپيا. ان ڪري کيس ٻاراڻي ادب جي ليکڪ طور شهرت ملي. هن ٻارن جي ذهني تربيت لاءِ عملي طور به جاکوڙيو. 1983ع ۾ نئين ديري ۾ ’ٻارن جي دنيا سنگت‘ جو قيام عمل ۾ آندائين، جنهن جو پهريون صدر ٿيو. بعد ۾ اها تنظيم سنڌ تائين وڌايائين ۽ ان جو مرڪزي صدر ٿيو. هن تنظيم ٻارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ نئين ديري سميت ٻين گهڻن شهرن ۾ تفريحي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرايا. هن تنظيم پاران ’ٻالڪ ادبي بورڊ‘ قائم ڪري، ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ ٻاراڻو رسالو ’سارنگ‘ جاري ڪيو ويو. جنهن ۾ ٻارن لاءِ جديد سائنسي ۽ ادبي مواد شامل هوندو هو.
زاهد ميراڻي، صحافت سان به وابسته رهيو. روزاني ’پُڪار‘، روزاني ’جاڳو‘، روزاني ’پاڪ‘، روزاني ’عوامي آواز‘، روزاني ’الوحيد‘، روزاني ’هلال پاڪستان‘ ۽ روزاني ’قومي اخبار‘ ۾ سب ايڊيٽر ۽ ماحوليات بابت ماهوار ’حياتي‘ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر رهي چڪو آهي. ماهوار ’حياتي‘ ۾ هن ماحوليات بابت ڪيتريون اسٽوريون لکيون، جيڪي ’ڊان‘ ۽ ’جنگ‘ اخبارن ۾ ترجمو ٿي ڇپيون، هن کي ادبي ۽ صحافتي خدمتن تي ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن. زاهد ميراڻي، سنڌيءَ ۾ پهرئين هفتيوار نيوز مئگزين ’آرسي‘ جو پراڊڪشن مئنيجر ۽ رپورٽر به رهيو، انهيءَ مئگزين جو ايڊيٽر سهيل سانگي هو. ان کان سواءِ پيپلز ٽائمس ۽ ’سرچ‘ مئگزين جو به ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو. 2004ع کان 2007ع تائين ’عوامي آواز‘ ۾ اسسٽنٽ ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو.
2004ع ۾ Sindhi Kitab. Net نالي هڪ ڊيٽا بيس قائم ڪيائين، جنهن ۾ 250 ڪتاب آن لائين رکيل آهن، ان کان سواءِ سنڌي زبان
جي ڏهاڪو شخصيتن جا ڊيٽا بيس پڻ آن لائين اٿس، جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، نور الدين سرڪي، شوڪت شورو ۽ ٻيا شامل آهن.


لفظ زاهد ميراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.02.28  عيسوي

شاعر، اديب، صحافي ۽ سماج سڌارڪ زاهد حسين ولد قادر بخش ميراڻي، 28 فيبروري 1965ع تي ڌاڪ تلاءَ، رتيديري ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم ميان شفيع محمد چنا
بدر ڌامراهو ڊاڪٽر
سڪندر منڌرو ڊاڪٽر
ديپڪ آشا
رحمت الله بهڻ
سيده شهلا رضا
سيد سردار احمد
ايبڪ
رحيم بخش بدوي
جنيد احمد سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون